تاج حيدر

تاج حيدر

تاج حيدر

تاج حيدر: ناميارو سياستدان ۽ ليکڪ تاج حيدر ولد پروفيسر سيد ڪرار حسين، 8 مارچ 1942ع تي ڀارت جي موجوده راجسٿان رياست جي ’ڪـــوٽـاهه‘ بستيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ناميارو دانشور هو. هن ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم رڻڇوڙ لائين ڪراچي ۽ خيرپور مان حاصل ڪئي. 1964ع ۾ MSc جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. 1980ع ۾ ٻاهرئين ڪاروبار جي ڄاڻ (Export marketing) جو هڪ ڪورس ڪيو. اردو ادب، ڊرامــا نويسيءَ، فنونِ لطيفه ۽ علم سان لڳاءَ سبب سندس سياسي ۽ ادبي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. هي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي باني ميمبرن مان آهي ۽ پ پ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. 1978ع کان 1985ع تائين پاڪستان ٽيليويزن لاءِ ڪيترائي ڊراما لکيا. هن پاليسي رٿابنديءَ هيٺ پاڻي ۽ بجلي، تعليم ۽ پاڪستان جي ڪجهه وڏن منصوبن: سئنڊڪ مِنرل ڊيولپمينٽ پروجيڪٽ، هيوي مڪئنيڪل ڪامپليڪس منڇر ڍنڍ، لال شھباز ايئرپورٽ سيوهڻ، حب ڊئم، ٿر ۾ ڪوئلي جون کاڻيون ۽ صحت، تعليم ۽ سماجي شعبن جي منصوبن وغيره بابت حڪمت عملي تيار ڪرڻ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو. جولاءِ 1995ع ۾ پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي سينيٽ جو ميمبر چونڊيو ويو. سينيٽ جي صعنتي پيداوار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تحقيق جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ سميت مختلف ڪميٽين جو ميمبر رهيو. 2013ع ۾ سنڌ حڪومت جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر رهيو. ان کانپوءِ 2014ع ۾ ٻيھر سينيٽ جو ميمبر ٿيو. ان دوران، پاڪ چائنا اقتصادي راهداري ڪميٽي جو چيئرمين رهيو. 2016ع ۾ سينيٽ ۾ پيپلز پارٽي پاران پارلياماني اڳواڻ مقرر ڪيو ويو. کيس 2006ع ۾ پي. ٽي. وي ايوارڊ ۽ 2013ع ۾ ستاره امتياز مليو.


لفظ تاج حيدرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو